اسرائيل جي فوج پاران لبنان جي مختلف علائقن مان شهرين کي نڪرڻ جو حڪم

تل ابيب -02 مارچ (اي پي پي) اسرائيل ڏکڻ لبنان جي 50 کان وڌيڪ علائقن جي رهواسين کي اتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج پاران جاري حڪم ۾ چيو ويو آهي، ته انهن علائقن جا رهواسي انهن علائقن کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ميٽر پري هليا وڃن. اسرائيل جي فوج چيو آهي، ته حزب الله جي ڪارروائين ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اسرائيلي …

تل ابيب -02 مارچ (اي پي پي) اسرائيل ڏکڻ لبنان جي 50 کان وڌيڪ علائقن جي رهواسين کي اتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج پاران جاري حڪم ۾ چيو ويو آهي، ته انهن علائقن جا رهواسي انهن علائقن کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ميٽر پري هليا وڃن. اسرائيل جي فوج چيو آهي، ته حزب الله جي ڪارروائين ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هو آبادي کي نقصان پهچائڻ نه ٿي چاهي.