رياض -02 مارچ (اي پي پي) نارٿ سهڪار ڪائونسل جي وزارتي ڪائونسل نار رياستن جي ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ واري حق جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جي سي سي جي وزارتي ڪائونسل جو 50هون غير معمولي اجلاس گذريل ڏينهن ويڊيو لنڪ ذريعي بحرين جي پرڏيهي وزير ۽ ڪائونسل جي موجوده چيئرمين ڊاڪٽر عبداللطيف الزياني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير …
ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق رکون ٿا: جي سي سي وزارتي ڪائونسل
رياض -02 مارچ (اي پي پي) نارٿ سهڪار ڪائونسل جي وزارتي ڪائونسل نار رياستن جي ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ واري حق جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جي سي سي جي وزارتي ڪائونسل جو 50هون غير معمولي اجلاس گذريل ڏينهن ويڊيو لنڪ ذريعي بحرين جي پرڏيهي وزير ۽ ڪائونسل جي موجوده چيئرمين ڊاڪٽر عبداللطيف الزياني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم البديوي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گڏيل عرب امارات، بحرين، سعودي عرب، عمان، قطر ۽ ڪويت تي 28هين فيبروري تي شروع ٿيل ميزائيل ۽ ڊرون حملن تي ڳالهيون ڪيون ۽ شهري ٺڪاڻن ۽ رهائشي علائقن تي ٿيل نقصانن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته خطي ۾ سلامتي ۽ امن حاصل ڪرڻ لاءِ جاري ڪوششن کي مربوط ڪرڻ لاءِ طريقيڪار ۽ قدمن تي به ڳالهايو ويو. وزارتي ڪائونسل اردن سميت جي سي سي ملڪن کي نشانو بڻائڻ وارن ايراني حملن جي مذمت ڪئي جيڪي انهن ملڪن جي خودمختياري ۽ پاڙيسري جي اصولن، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. ڪائونسل جي سي سي ملڪن وچ ۾ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي ته جي سي سي ملڪن کي پنهنجي سلامتي، امن ۽ استحڪام، پنهنجي علائقي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو حق اهي جنهن ۾ جارحيت جو جواب ڏيڻ جو آپشن به شامل آهي. وزارتي ڪائونسل خطي ۾ سلامتي ۽ امن استحڪام جي بحالي لاءِ حملن کي فوري طور روڪڻ، خطي ۾ فضائي ۽ سامونڊي سلامتي ۽ سامونڊي گذرگاهن جي تحفظ تي زور ڀريو. اجلاس جي پڄاڻي تي وزارتي ڪائونسل حملن ۾ شهيد ٿيلن جي خاندانن سان تعزيت جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











