رياض-02 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن يونان جي وزيراعظم ڪيريا ڪوس متسو تاڪس، الجزائر جي صدر عبدالمجيد تبون ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليئن ٽيلي فون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يونان جي وزيراعظم سان رابطي دوران علائقائي ۽ عالمي سلامتي تي ان جي اثرن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. يورپي …
سعودي عرب جي ولي عهد سان يورپي ڪميشن، الجزائر جي صدر ۽ يونان جي وزيراعظم جو رابطو
رياض-02 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن يونان جي وزيراعظم ڪيريا ڪوس متسو تاڪس، الجزائر جي صدر عبدالمجيد تبون ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليئن ٽيلي فون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يونان جي وزيراعظم سان رابطي دوران علائقائي ۽ عالمي سلامتي تي ان جي اثرن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليئن سان رابطي ۾ خطي جي سنگين صورتحال، ان جي سلامتي ۽ استحڪام تي جاري ڇڪتاڻ جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. يورپي ڪميشن جي صدر، مملڪت سان يڪجهتي جو اظهار، ان جي خودمختياري، سلامتي ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو. الجزائر جي صدر به مملڪت سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، مملڪت جي خودمختياري، سلامتي ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ڪئي.











