سرينگر-02 مارچ (اي پي پي ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ اختيارين ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪشمير وادي ۾ سمورا اسڪول ۽ ڪاليجز ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن . ڪشمير ميڊيا سروس موجب تعليم واري وزير سڪينه ايتو چيو ته 2 ۽ 3 مارچ تي سمورا …
والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب سمورا تعليمي ادارا ٻن ڏينهن لاءِ بند
سرينگر-02 مارچ (اي پي پي ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ اختيارين ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪشمير وادي ۾ سمورا اسڪول ۽ ڪاليجز ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن . ڪشمير ميڊيا سروس موجب تعليم واري وزير سڪينه ايتو چيو ته 2 ۽ 3 مارچ تي سمورا اسڪول ۽ ڪاليج بند رهندا. هن چيو ته وڌيڪ ڪو فيصلو ڪرڻ کان اڳ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اسڪول ايجو ڪيشن ڪشمير جي ڊائريڪٽر هڪ حڪم نامو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير ڊويزن ۾ سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رهندا.











