بيروت-02 مارچ (اي پي پي) لبنان تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ 31 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 149 زخمي ٿي پيا آهن، ٻئي پاسي ڪويت ۾ هڪ آمريڪي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق لبنان جي صحت واري وزارت ٻڌايو ته اسرائيل بيروت جي ڏاکڻين علائقن ۾ فضائي حملا ڪيا جن ۾ هن وقت تائين 31 ماڻهو شهيد ٿي چڪا جڏهن ته 149 زخمي ٿي پيا …
لبنان تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ 31 ماڻهو شهيد، 149 زخمي
بيروت-02 مارچ (اي پي پي) لبنان تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ 31 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 149 زخمي ٿي پيا آهن، ٻئي پاسي ڪويت ۾ هڪ آمريڪي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق لبنان جي صحت واري وزارت ٻڌايو ته اسرائيل بيروت جي ڏاکڻين علائقن ۾ فضائي حملا ڪيا جن ۾ هن وقت تائين 31 ماڻهو شهيد ٿي چڪا جڏهن ته 149 زخمي ٿي پيا آهن. وزارت جي بيان مطابق زخمين کي ويجهي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته امدادي ڪارروائيون جاري آهن، ٻئي پاسي، ڪويت ۾ هڪ آمريڪي جنگي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق تباهه ٿيل جهاز جي آمريڪا ۽ ڪويت طرفان اڃان تائين تصديق ناهي ڪئي وئي. پر آمريڪي ايف 15 جهاز جو پائليٽ ايجيڪٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ تباهه ٿيل ايف 15 جهاز مان باهه نڪرندي ڏسي سگهجي ٿي. ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايف 15 جنگي جهاز جي پائليٽ کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.











