سرينگر -01 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل پاران حملن ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت کان پوءِ ڄمون ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪيترا ئي مظاهرو ڪندڙ روڊن تي نڪري آيا ۽ پرامن مارچ ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعرا لڳايا. سرينگر جي علائقي سعده ڪدلي ۾ ماڻهن انهن حملن تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار …
آيت الله خامنه اي جي شهادت خلاف ڄمون ڪشمير ۾ احتجاجي مظاهرا
سرينگر -01 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل پاران حملن ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت کان پوءِ ڄمون ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪيترا ئي مظاهرو ڪندڙ روڊن تي نڪري آيا ۽ پرامن مارچ ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعرا لڳايا. سرينگر جي علائقي سعده ڪدلي ۾ ماڻهن انهن حملن تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اهڙي طرح جا احتجاجي مظاهرا وادي جي ٻين علائقن ۾ به ڪيا ويا.











