اسرائيل جا ايران تي ميزائل حملا، ايران جي شهرن اصفهان، قم، ڪرج ۽ ڪرمان ۾ ڌماڪا

تل ابيب/تهران- 28 فيبروري (اي پي پي) اسرائيل ڇنڇر جي صبح ايران تي ميزائل حملا ڪيا، جنهن کانپوءِ ايران جي مختلف شهرن ۾ ڌماڪا ٿيا. اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز ان ڪارروائي کي اڳواٽ حملو قرار ڏنو آهي. بي بي سي مُوجب اڄ صبح جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اسرائيلي دفاع واري وزير سڄي اسرائيل ۾ مخصوص ۽ مستقل هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي …

تل ابيب/تهران- 28 فيبروري (اي پي پي) اسرائيل ڇنڇر جي صبح ايران تي ميزائل حملا ڪيا، جنهن کانپوءِ ايران جي مختلف شهرن ۾ ڌماڪا ٿيا. اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز ان ڪارروائي کي اڳواٽ حملو قرار ڏنو آهي. بي بي سي مُوجب اڄ صبح جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اسرائيلي دفاع واري وزير سڄي اسرائيل ۾ مخصوص ۽ مستقل هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي فارس نيوز ايجنسي تهران جي مرڪز ۾ ٽن ڌماڪن جو اطلاع ڏنو آهي. اسرائيل ايران جي اولهندي ۽ اوڀرندي شهرن اصفهان، قم، ڪرج ۽ ڪرمان تي اهو حملو ان وقت ڪيو جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري هيون. اسرائيلي دفاعي فوج (آءِ ڊي ايف) مُوجب ايران تي حملي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ سائرن وڄايا ويا آهن ۽ ماڻهن کي موبائل ڊوائيسز تي سڌو سنئون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهي محفوظ هنڌن جي ويجهو رهن. آءِ ڊي ايف پاران ايڪس تي جاري ڪيل بيان موجب هي اهڪ اڳواٽ چتاءُ آهي ته جيئن عوام کي امڪاني ميزائل حملن لاءِ تيار ڪري سگهجي. آءِ ڊي ايف اسرائيلي شهرين کي محفوظ هنڌن جي ويجهو رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسرائيل پنهنجي هوائي حدن کي شهري اُڏامن لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ جمهوري اسڪوائر ۽ حسن آباد اسڪوائر تي دونھين جا ڪڪر اڀرندي ڏٺا ويا.