ايران کي يورينيم رچاءَ جي اجازت نه ڏني ويندي: آمريڪا

واشنگٽن -28 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته ايران کي 20 سيڪڙو تائين به يورينيم رچاءَ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي ميڊيا موجب جنيوا ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ٽين دور جي هڪ ڏينهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو نه ٿو چاهي ته ايران سويلين مقصدن لاءِ به ڪنهن قسم …

واشنگٽن -28 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته ايران کي 20 سيڪڙو تائين به يورينيم رچاءَ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي ميڊيا موجب جنيوا ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ٽين دور جي هڪ ڏينهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو نه ٿو چاهي ته ايران سويلين مقصدن لاءِ به ڪنهن قسم جي يورينيم جو رچاءُ ڪري. آمريڪي صدر ايران سان ٿيل ڳالهين تي پنهنجي عدم اطمينان جو ورجاءُ ڪندي چيو ته مان چوان ٿو ته ڪو به رچاءُ نه ٿيندو، نه 20 سيڪڙو ۽ نه ئي 30 سيڪڙو پر ايران هميشه 20 يا 30 سيڪڙو جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته هو ڳالهين جي اڳڀرائي مان مطمئن ناهي، پر ان باوجود هن واضح ڪيو ته هو پرامن طريقي سان معاملا هلائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.