ڪينيڊا پاران پنهنجي شهرين کي وچ اوڀر ڇڏڻ جون هدايتون

اوٽاوا -28 فيبروري (اي پي پي) ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند  وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي کي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪينڊين شهرين کي فوري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ ڪجهه ملڪن مان نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيان ۾ چيو ويو آهي، ته خطي جي سيڪيورٽي صورتحال غير مستحڪم ۽ غير متوقع اهي، ان ڪري ڪينيڊين شهري چوڪس رهن، مقامي ۽ عالمي ميڊيا …

اوٽاوا -28 فيبروري (اي پي پي) ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند  وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي کي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪينڊين شهرين کي فوري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ ڪجهه ملڪن مان نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيان ۾ چيو ويو آهي، ته خطي جي سيڪيورٽي صورتحال غير مستحڪم ۽ غير متوقع اهي، ان ڪري ڪينيڊين شهري چوڪس رهن، مقامي ۽ عالمي ميڊيا تي نظر رکن ۽ مقامي اختيارين جي هدايت تي عمل ڪن. جن ۾ ضرورت پوڻ تي گهرن ۾ رهڻ جا حڪم به شامل آهن. بيان موجب لبنان، فلسطين ۽ اسرائيل ۾ موجود ڪينيڊين شهرين کي مشورو ڏنو ويو آهي ته جيستائين واپاري اڏامن ذريعي روانگي ممڪن آهي، اتان نڪرڻ تي غور ڪن جڏهن ته ايران ۾ رهندڙ ڪينيڊين شهرين کي وڌيڪ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيڪڏهن هو محفوظ طريقي سان وڃي سگهن ٿا ته فوري طور تي ملڪ ڇڏي ڏين. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ايران ۾ ڪينيڊا جو ڪو به سفارتي مشن موجود ناهي، ڪنهن سبب خاص طور تي ڪنهن فعال تڪرار دوران قائونصلر خدمتن جي فراهمي ڪرڻ انتهائي محدود آهي.