پيانگ يانگ -27 فيبروري (اي پي پي) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان چيو آهي ته هو ملڪ جي ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي تي ڌيان ڏيندو ۽ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري جا امڪان آمريڪا جي رويي تي ٻڌل آهن. پرڏيهي ميڊيا اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا چينل ۾ رپورٽ ٿيل انهن بيانن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڪم جونگ ان چيو آهي ته ملڪ جي بين الاقوامي حيثيت …
اتر ڪوريا جي سربراهه پاران ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي جي عزم جو اظهار
پيانگ يانگ -27 فيبروري (اي پي پي) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان چيو آهي ته هو ملڪ جي ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي تي ڌيان ڏيندو ۽ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري جا امڪان آمريڪا جي رويي تي ٻڌل آهن. پرڏيهي ميڊيا اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا چينل ۾ رپورٽ ٿيل انهن بيانن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڪم جونگ ان چيو آهي ته ملڪ جي بين الاقوامي حيثيت ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ان ايندڙ پنجن سالن لاءِ اهم پاليسي هدف به طئي ڪيا آهن. هن چيو ته اهو اسان جي پارٽي جو هڪ مضبوط عزم آهي ته پنهنجي قومي ايٽمي حيثيت کي وڌيڪ هٿي ڏيون ۽ هڪ ايٽمي رياست طور پنهنجي حيثيت کي پوري طرح استعمال ڪريون. هن چيو ته اسان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جو انگ وڌائڻ ۽ ايٽمي ذريعن ۾ اضافي جي منصوبن تي ڌيان ڏينداسين.












