آمريڪي صدر ٽرمپ خلاف جاچ ڪندڙ ايف بي آءِ جا اهلڪار برطرف

واشنگٽن-27 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي وفاقي جاچ اداري ايف بي آءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف جاچ ڪندڙ وڌيڪ اهلڪارن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ڀيري انهن اهلڪارن کي فارغ ڪيو ويو آهي جن ريپبلڪن جي لڪايل ڳجهن دستاويزن جي جاچ ۾ حصو ورتو هو. اهي برطرفيون ڊونلڊ ٽرمپ پاران مقرر ڪيل ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل جي نگراني هيٺ ان سلسلي جو حصو آهن جنهن ۾ …

واشنگٽن-27 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي وفاقي جاچ اداري ايف بي آءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف جاچ ڪندڙ وڌيڪ اهلڪارن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ڀيري انهن اهلڪارن کي فارغ ڪيو ويو آهي جن ريپبلڪن جي لڪايل ڳجهن دستاويزن جي جاچ ۾ حصو ورتو هو. اهي برطرفيون ڊونلڊ ٽرمپ پاران مقرر ڪيل ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل جي نگراني هيٺ ان سلسلي جو حصو آهن جنهن ۾ گذريل سال به اهڙن درجنين ملازمن کي ڪڍيو ويو هو جن يا ته صدر خلاف جاچ ۾ حصو ورتو هو يا پوءِ جن کي انتظاميا جي ايجنڊا خلاف سمجهيو ويو هو. گذريل سال ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر عهدو سنڀالڻ کانپوءِ انصاف کاتي ۾ به پراسيڪيوٽرز جون برطرفيون ٿيون هيون. ايف بي آءِ ايجنٽس ايسوسيئيشن برطرفين جي مذمت ڪندي انهن کي غير قانوني ۽ قومي سلامتي لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو آهي.