سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير سان فلسطين جي پرڏيهي وزير جي ملاقات

رياض-27 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي سان جده ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير فارسين اغابڪيان ۽ صوماليا جي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد عمر ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق او آءِ سي جي غير معمولي وزارتي اجلاس جي موقعي تي فلسطيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، غزه جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن …

رياض-27 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي سان جده ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير فارسين اغابڪيان ۽ صوماليا جي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد عمر ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق او آءِ سي جي غير معمولي وزارتي اجلاس جي موقعي تي فلسطيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، غزه جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انجنيئر وليد الخريجي ۽ صوماليا جي مملڪتي وزير سعودي عرب ۽ صوماليا جي لاڳاپن جو جائزو، تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مڪه مڪرمه ريجن ۾ پرڏيهي وزارت جي برانچ جو ڊائريڪٽر جنرل فريد بن سعد الشهري به موجود هو.