سڄي دنيا ۾ 2025ع دوران 7 هزار 667 غير قانوني پرڏيهي فوت ۽ گم ٿيا آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون-27 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته 2025ع دوران سڄي دنيا ۾ 7 هزار 667 غير قانوني پرڏيهي فوت ۽ گم ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اهي انگ اکر انٽرنيشنل آرگنائزيشن فار مائيگريشن جي تازي رپورٽ تي ٻڌل آهن. رپورٽ مطابق هجرت دوران غير قانوني پرڏيهين لاءِ سامونڊي رستو سڀني کان …

گڏيل قومون-27 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته 2025ع دوران سڄي دنيا ۾ 7 هزار 667 غير قانوني پرڏيهي فوت ۽ گم ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اهي انگ اکر انٽرنيشنل آرگنائزيشن فار مائيگريشن جي تازي رپورٽ تي ٻڌل آهن. رپورٽ مطابق هجرت دوران غير قانوني پرڏيهين لاءِ سامونڊي رستو سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو، رومي سمنڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار 185 ماڻهو فوت يا گم ٿيا جڏهن ته اولهه آفريقا مان ماٺي سمنڊ رستي ڪينري ٻيٽ ويندڙ هڪ هزار 214 ماڻهن جي موت يا گمشدگيون رپورٽ ڪيون ويون. ترجمان چيو ته جيتوڻيڪ ان کان گذريل سال جي ڀيٽ فوتگين ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر خدشو آهي ته اصل انگ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. اداري مطابق 2024ع ۾ اٽڪل 9 هزار 200 ماڻهو لڏپلاڻ دوران فوت يا گم ٿيا، جيڪو هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ انگ آهي. گڏيل قومن عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته انساني جانين جي تحفظ لاءِ محفوظ ۽ باوقار هجرت کي يقيني بڻائڻ جا قدم کنيا ويندا.