ڊينمارڪ ۾ پارلياماني چونڊون 24 مارچ تي ٿينديون

ڪوپن هيگن-27 فيبروري (اي پي پي) ڊينمارڪ ۾ پارلياماني چونڊون 24 مارچ تي ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ڳالهه جو اعلان ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فرينڊرڪسن ڪيو. ڊينمارڪ جي پارليامينٽ فولڪٽنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ووٽرز اهو فيصلو ڪندا ته ايندڙ چئن سالن ۾ ڊينمارڪ ڪهڙي طرف ويندو. انهن چونڊن ذريعي 179 رڪني پارليامينٽ جي جوڙجڪ طئي ڪئي ويندي، جن ۾ گرين لينڊ ۽ فيرو ٻيٽ جي نمائندگي …

ڪوپن هيگن-27 فيبروري (اي پي پي) ڊينمارڪ ۾ پارلياماني چونڊون 24 مارچ تي ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ڳالهه جو اعلان ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فرينڊرڪسن ڪيو. ڊينمارڪ جي پارليامينٽ فولڪٽنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ووٽرز اهو فيصلو ڪندا ته ايندڙ چئن سالن ۾ ڊينمارڪ ڪهڙي طرف ويندو. انهن چونڊن ذريعي 179 رڪني پارليامينٽ جي جوڙجڪ طئي ڪئي ويندي، جن ۾ گرين لينڊ ۽ فيرو ٻيٽ جي نمائندگي لاءِ مخصوص سيٽون به شامل آهن. ڊنمارڪ جي چونڊ پوسٽرز بابت قانونن تحت چونڊ مهم جا پوسٽرز اليڪشن کان اڳ چوٿين هفتي جي ڇنڇر واري ڏينهن منجهند 12 وڳي کان لڳائي سگهجن ٿا، يعني هلندڙ هفتي جي ڇنڇر واري ڏينهن کان پارٽيون باضابطه طور پنهنجي مهم شروع ڪري سگهنديون. ڊينمارڪ هڪ آئيني بادشاهت آهي جيڪا پارلياماني نظام تحت هلندي آهي. پارليامينٽ فولڪٽنگ جو ڪل 179 سيٽون آهن، جن مان 2 ، 2 سيٽون گرين لينڊ ۽ فيرو ٻيٽ لاءِ مخصوص آهن.