ڍاڪا-26 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش ملڪ جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي صدارت لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي. گذريل ڏينهن هڪ سفارتي ذريعي ٻڌايو ته اها نامزدگي فلسطين طرفان ان عهدي لاءِ پنهنجو اميدوار واپس وٺڻ کانپوءِ سامهون آئي جنهن سان هاڻي مقابلو بنگلاديش ۽ قبرص وچ ۾ رهجي ويو آهي. بنگلاديش فلسطين کان اڳ پنهنجو اميدوار پيش ڪيو …
بنگلاديش پاران پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي صدارت لاءِ اميدوار نامزد

مزید خبریں
ڍاڪا-26 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش ملڪ جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي صدارت لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي. گذريل ڏينهن هڪ سفارتي ذريعي ٻڌايو ته اها نامزدگي فلسطين طرفان ان عهدي لاءِ پنهنجو اميدوار واپس وٺڻ کانپوءِ سامهون آئي جنهن سان هاڻي مقابلو بنگلاديش ۽ قبرص وچ ۾ رهجي ويو آهي. بنگلاديش فلسطين کان اڳ پنهنجو اميدوار پيش ڪيو هو. جنرل اسيمبلي جي صدر جي چونڊ جون ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندي. 27-2026ع جي مدي لاءِ صدارت ايشيا پيسفڪ علائقائي گروپ لاءِ مختص ڪئي وئي آهي. بنگلاديش ان کان اڳ ان عهدي تي فائز هو جڏهن ان وقت جي پرڏيهي وزير مرحوم همايون رشيد چوڌري 87-1986ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 41 هين اجلاس جي صدر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.









