نيويارڪ-26 فيبروري(اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) آمريڪا کي شراڪتدارن سان سهڪار ڪرڻ ۽ واپاري پابنديون گهٽائڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عالمي مالياتي فنڊ آمريڪا جي سال 2026ع جي آرٽيڪل فور مشاورتي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا کي گهرجي ته هو پنهنجن واپاري شراڪتدارن سان تعميري سهڪار ڪري، غير منصفاڻين ڪارروائين جي حوالي سان خدشا ختم ڪري ۽ اهڙين واپاري پابندين ۾ گهٽتائي تي …
آءِ ايم ايف پاران آمريڪا کي شراڪتدارن سان سهڪار ڪرڻ ۽ واپاري پابنديون گهٽائڻ جي اپيل

مزید خبریں
نيويارڪ-26 فيبروري(اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) آمريڪا کي شراڪتدارن سان سهڪار ڪرڻ ۽ واپاري پابنديون گهٽائڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عالمي مالياتي فنڊ آمريڪا جي سال 2026ع جي آرٽيڪل فور مشاورتي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا کي گهرجي ته هو پنهنجن واپاري شراڪتدارن سان تعميري سهڪار ڪري، غير منصفاڻين ڪارروائين جي حوالي سان خدشا ختم ڪري ۽ اهڙين واپاري پابندين ۾ گهٽتائي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جن جا ناڪاري عالمي اثر پون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن قومي سلامتي جي سببن جي بنياد تي ٽيڪسن ۽ روانگي واپاري ڪنٽرول سميت واپاري ۽ سيڙپڪاري جا قدم کنيا وڃن ته اهي پاليسيون محدود دائري ۾ رهڻ گهرجن ته جيئن انهن قدمن جي ملڪي ۽ پرڏيهي ناڪاري اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٽيڪسن ۾ اضافو پيداواري وسيلن کي خراب ڪندڙ قدم آهي، جيڪو عالمي سپلاءِ چين کي متاثر ڪري ٿو ۽ عالمي واپار جي فائدن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ ان جي خرچ ۾ اضافو ٿئي ٿو.









