چين جي عدالتن پاران اتر ميانمار سان تعلق رکندڙ ٻن وڏن ڏوهاري گروپن جي ڪيسن جو فيصلو، 16 ڏوهارين کي موت جي سزا

بيجنگ-26 فيبروري (اي پي پي) چين جي عدالتن اتر ميانمار ۾ قائم ٻن وڏن ڏوهاري گروپن خلاف ڪيسن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، انهن ۾ ٽيلي ڪام ۽ آن لائن فراڊ ۾ ملوث عنصر شامل هئا، مجموعي طور تي 39 ماڻهن کي عمر قيد يا ان کان وڌيڪ سخت سزا ڏني وئي آهي جن مان 16 ڏوهارين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي اعليٰ …

بيجنگ-26 فيبروري (اي پي پي) چين جي عدالتن اتر ميانمار ۾ قائم ٻن وڏن ڏوهاري گروپن خلاف ڪيسن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، انهن ۾ ٽيلي ڪام ۽ آن لائن فراڊ ۾ ملوث عنصر شامل هئا، مجموعي طور تي 39 ماڻهن کي عمر قيد يا ان کان وڌيڪ سخت سزا ڏني وئي آهي جن مان 16 ڏوهارين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي اعليٰ عوامي عدالت گذريل ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. اعليٰ عوامي عدالت مطابق 2025ع جي پڄاڻي تائين سڄي ملڪ جي عدالتن اتر ميانمار سان جڙيل ٽيلي ڪام فراڊ جي 27 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جا شروعاتي فيصلا مڪمل ڪيا، جڏهن ته 41 هزار کان وڌيڪ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي. انهن ڪيسن ۾ مجموعي طور تي 39 ماڻهن کي عمر قيد يا ان کان وڌيڪ سخت سزا ڏني وئي جن مان 16 ڏوهارين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. عدالتي اختيارين مطابق سرحد پار سرگرم انهن ٻنهي هٿياربند ڏوهاري پيشيور نيٽ ورڪس کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي.