واشنگٽن-26 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي اينونيوو اسٽيٽ پارڪ ۾ هاٿي جهڙي سامونڊي جانور سيل جي 7 ٻچن ۾ انتهائي موتمار ايويئن انفلوئنزا ايڇ فائيو اين ون (H5N1) جي تصديق ٿي آهي جيڪا رياست ۾ سامونڊي کير پياريندڙ جانورن ۾ برڊ فلو جو پهريون ڪيس ۽ هاٿي جهڙي سامونڊي جانور سيلز ۾ پهريون ڀيرو ان وائرس جي موجودگي جي تصديق آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف ان وقت …
ڪيليفورنيا ۾ (سيلز) ۾ پهريون ڀيرو برڊ فلو جي پهرين ڪيس جي تصديق

مزید خبریں
واشنگٽن-26 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي اينونيوو اسٽيٽ پارڪ ۾ هاٿي جهڙي سامونڊي جانور سيل جي 7 ٻچن ۾ انتهائي موتمار ايويئن انفلوئنزا ايڇ فائيو اين ون (H5N1) جي تصديق ٿي آهي جيڪا رياست ۾ سامونڊي کير پياريندڙ جانورن ۾ برڊ فلو جو پهريون ڪيس ۽ هاٿي جهڙي سامونڊي جانور سيلز ۾ پهريون ڀيرو ان وائرس جي موجودگي جي تصديق آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن يو سي سانتاڪروز سان لاڳاپيل ماحوليات جي ماهر پروفيسر روڪسا بيلٽران جي قيادت ۾ جاچ ٽيم 19 ۽ 20 فيبروري تي سيلز ۾ غير معمولي ساهه ۽ اعصابي علامتن، جنهن ۾ ڪمزوري ۽ ڏڪڻي شامل هئي، جو مشاهدو ڪيو. بيمار ۽ مئل جانورن مان حاصل ڪيل نمونا فوري طور تي ڪيليفورنيا اينيمل هيلٿ اينڊ فوڊ سيفٽي ليبارٽري کي موڪليا ويا جتي شروعاتي جاچ ۾ ايويئن انفلوئنزا جي تصديق ٿي. وبا جي جاچ دوران ڪيليفورنيا اسٽيٽ پارڪس سيلز کي ڏسڻ جي عوامي هنڌن کي عارضي طور بند ڪري ڇڏيو آهي.









