پرڏيهي قبضي ۾ معصوم ٻار انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين جو شڪار ٿيندا آهن: پاڪستاني نمائندي جو سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب

گڏيل قومون -25 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي قبضي ۾ رهندڙ ٻار انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ تشدد جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿين ٿا، البته عالمي برادري کي تڪرارن جي بنيادي سببن جي خاتمي ۽ پرامن حل ذريعي ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. سلامتي ڪائونسل جو اهو اجلاس اريا فارمولا فارميٽ تحت منعقد ٿيو جنهن …

گڏيل قومون -25 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي قبضي ۾ رهندڙ ٻار انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ تشدد جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿين ٿا، البته عالمي برادري کي تڪرارن جي بنيادي سببن جي خاتمي ۽ پرامن حل ذريعي ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. سلامتي ڪائونسل جو اهو اجلاس اريا فارمولا فارميٽ تحت منعقد ٿيو جنهن جو عنوان ريڊ هينڊ ڊي:2026ع هٿياربند تڪرارن ۾ ٻارن جي ڀرتي ۽ استعمال جي روڪٿام لاءِ محفوظ تعليم هو. اجلاس جو بندوبست پاناما ڪيو. پاڪستاني مشن جي فرسٽ سيڪريٽري ذوالفقار علي خطاب ڪندي چيو ته والاريل فلسطيني علائقي خاص ڪري غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ بيشمار ٻار شهيد يا هميشه لاءِ معذور ٿي چڪا آهن. هن افسوس ظاهر ڪيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ به ٻارن جي حالت خراب آهي جيڪي ماضي ۾ گڏيل قومن جي رپورٽس ۾ داخل رهيا آهن پر تازين رپورٽن ۾ شامل ناهن ڪيا ويا. حالانڪه 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته مئي ۾ ڀارت جي جارحيت دوران شهري آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 15 ٻار شهيد ٿي ويا. هن ان حوالي سان ڪنوينشن آن دي رائيٽس آف دي چائلڊ، سلامتي ڪائونسل ٺهراءَ 1998ع ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ٺهراءَ 290/64 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ان عالمي ذميوارين تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن بابت سيڪريٽري جنرل جي خاص نمائندي سان هڪ روڊ ميپ تي به صحيحيون ڪيون آهن ۽ قومي ترجيحن ۽ عالمي واعدن موجب ٻارن جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم جاري آهن.