سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان آمريڪي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-25 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جو جائزو ، خطي جي تازي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ …

رياض-25 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جو جائزو ، خطي جي تازي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ شام جي هم منصب اسعد الشيباني  سعودي عرب ۽ شام وچ ۾ لاڳاپن، شام ۽ خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں