انقره -25 فيبروري (اي پي پي)ترڪيه جو ايف -16 جهاز اولهندي صوبي بالي ڪيسر ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ پائلٽ فوت ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب وزارت ٻڌايو آهي ته اهو حادثو اربع جي صبح جو ان وقت پيش آيو جڏهن مقامي وقت موجب رات 12 لڳي 56 منٽن تي بالي ڪيسر ۾ قائم نائين مين جيٽ بيس ڪمانڊ تان اڏام ڪندڙ ايف - 16 …
ترڪيه جو ايف -16 ويڙهاڪ جهاز ڪري تباهه پائلٽ اجل جو شڪار

مزید خبریں
انقره -25 فيبروري (اي پي پي)ترڪيه جو ايف -16 جهاز اولهندي صوبي بالي ڪيسر ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ پائلٽ فوت ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب وزارت ٻڌايو آهي ته اهو حادثو اربع جي صبح جو ان وقت پيش آيو جڏهن مقامي وقت موجب رات 12 لڳي 56 منٽن تي بالي ڪيسر ۾ قائم نائين مين جيٽ بيس ڪمانڊ تان اڏام ڪندڙ ايف – 16 جهاز سان رابطو بند ٿي ويو. ان تي فوري طور تي شروع ڪيل ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن دوران جهاز جو ملبو ملي ويو. وزارت جو چوڻ آهي ته حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.










