اولهه جي اڌ حصي تي بالادستي قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان: آمريڪي صدر

واشنگٽن _ 25 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا اولهه جي اڌ حصي تي بالادستي قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ خطي ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ موثر قدم جاري رکندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل سالياني خطاب مطابق آمريڪي صدر چيو ته امريڪا پنهنجي سلامتي ۽ اولهه جي اڌ حصي تي برتري جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن پنهنجي قومي مفادن …

واشنگٽن _ 25 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا اولهه جي اڌ حصي تي بالادستي قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ خطي ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ موثر قدم جاري رکندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل سالياني خطاب مطابق آمريڪي صدر چيو ته امريڪا پنهنجي سلامتي ۽ اولهه جي اڌ حصي تي برتري جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن پنهنجي قومي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ملڪ کي تشدد، دهشتگردي ۽ پرڏيهي  مداخلت کان محفوظ رکي سگهجي. هن چيو ته ڪيترن سالن کان خطي جا وسيع علائقا ، خاص ڪري ميڪسيڪو جو وڏو حصو، قاتل منشيات ڪارٽيلز جي ڪنٽرول ۾ رهيا آهن، جيڪي علائقائي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن، آمريڪي صدر پنهنجو ساليانو اجلاس نمائندن واري ايوان  ۽ سينٽ  جي گڏيل اجلاس ۾ ڪري رهيو هو.

مزید خبریں