جنيوا - 24 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ خطري کي ” جهنگ جي قانون “ سان هڪجهڙائي ڏيندي ان رجحان جي مذمت ڪئي آهي، جيڪا پوري دنيا ۾ انساني حقن تي هڪ وڏي حملي جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته …
دنيا جهنگ جي راڄ ۾ بدلجي رهي آهي، مصنوعي ذهانت جبر جو اوزار بڻجي چڪي آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

مزید خبریں
جنيوا – 24 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ خطري کي ” جهنگ جي قانون “ سان هڪجهڙائي ڏيندي ان رجحان جي مذمت ڪئي آهي، جيڪا پوري دنيا ۾ انساني حقن تي هڪ وڏي حملي جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته ان حملي جي قيادت خاص طورتي مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجيز ڪري رهيون آهن . هن عالمي برادري کي اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٻه رياستي حل کي ڪمزور ڪرڻ خلاف به پابند ڪيو . هن چيو ته اهي حملا نه ته ڳجهي طورتي ڪيا پيا وڃن ۽ نه ئي اوچتو، پر اهي ڏينهن ڏهاڙي ٿي رهيا آهن ۽ اڪثر طاقتور ترين رياستن جي هدايت تي ڪيا پيا وڃن . هن چيو ته پوري دنيا ۾ انساني حقن جي ڄاڻي واڻي ۽ اسٽريٽجڪ طور پر ڪڏهن ڪڏهن ته فخر سان قرباني ڏني پئي وڃي . هن ڪنهن ملڪ يا اڳواڻ جو نالو وٺڻ کانسواءِ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قانون جي حڪمراني طاقتور جي قانون جي بار هيٺان دٻجي وئي آهي . گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته جڏهن انساني حق زوال جو شڪار ٿيندا آهن ته باقي سڀ ڪجهه وکرجي ويندو آهي هن ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو ته اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهيون جتي اجتماعي مسئلن کي قبول ڪيو ويو آهي ، جتي انسانن سان ڏي وٺ جي ڪرنسي سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويندو آهي ۽ جتي عالمي قانون کي ڪجهه هڪ پريشاني جي طورتي ڏٺو ويندو آهي . هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪنالوجي ، خاص طورتي مصنوعي ذهانت ، تيزي سان اهڙن طريقن سان استعمال ٿي رهي آهي جيڪا جبر ۾ اضافو ڪري ٿي ، عدم برابري کي گهرو ڪري ٿي ۽ پوئتي پيل طبقي کي آن لائن ۽ آف لائن امتيازي سلوڪ جي نئين شڪلن جو شڪار ڪري ٿي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسرائيلين ۽ فلسطينين وچ ۾ تڪرار طرف اشارو ڪندي چيو ته ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪجي ٿو ته ٻه رياستي حل کي هاڻي کلي عام نه قبول ڪرڻ جوڳو عمل قرار ڏئي پيش ڪيو پيو وڃي.










