ملائيشيا ۾ نئون قانون متعارف، وزيراعظم جو عهدو فقط ٻه ڀيرا حاصل ڪري سگهبو

ڪوالالمپور-24 فيبروري (اي پي پي ) ملائيشيا ۾ هڪ نئون تجويز ڪيل قانون متعارف ڪرايو ويو آهي. جنهن تحت وزيراعظم جو عهدو صرف ٻه ڀيرا حاصل ڪري سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان قدم جو مقصد احتساب جي سلسلي کي طاقتور ڪرڻ ۽ ايگزيڪيوٽو اختيارن کي حد کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ آهي. ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۾ هن وقت ڪا به حد ناهي ته هڪ وزيراعظم ڪيترا ڀيرا عهدو سنڀالي …

ڪوالالمپور-24 فيبروري (اي پي پي ) ملائيشيا ۾ هڪ نئون تجويز ڪيل قانون متعارف ڪرايو ويو آهي. جنهن تحت وزيراعظم جو عهدو صرف ٻه ڀيرا حاصل ڪري سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان قدم جو مقصد احتساب جي سلسلي کي طاقتور ڪرڻ ۽ ايگزيڪيوٽو اختيارن کي حد کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ آهي. ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۾ هن وقت ڪا به حد ناهي ته هڪ وزيراعظم ڪيترا ڀيرا عهدو سنڀالي سگهي ٿو . ملڪ جو اڳوڻو اڳواڻ مهاتير محمد ٻن ڀيرا وزارت عظميٰ جي عهدي تي 24 سالن تائين رهيو جن مان پهريون ڀيرو 1981ع کان 2003 جو هيو جڏهن ته ٻيو دور سال 2018ع کان 2020ع تائين جاري رهيو هو. ملائيشيا جو موجوده وزيراعظم انور ابراهيم جنوري تائين پنهنجو مدو ٻن ڀيرن تائين محدود ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. جڏهن ته هن وقت بدعنواني کي منهن ڏيڻ ۽ گورننس جي نظام کي بهتر بنائڻ جا مطالبا به سامهون آيا هيا. هي نقطو سال 2022 ع ۾ ٿيل چونڊن جي موقعي تي سندس پارٽي جي منشور ۾ به شامل هيو . وزيراعظم جي عهدي کي ٻن ڀيرن تائين محدود ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو هو. جڏهن ته ٻئي طرف اهڙن سڌارن جي سستي تي به عوامي سطح تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. مقامي ميڊيا جي رپورٽ موجب انهن قدمن کي ايندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ شهرين کان ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي.

مزید خبریں