بيجنگ -23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ڪم جونگ ان کي ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي ٻيهر سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ صدر شي جن پنگ گذريل ڏينهن ڪم جونگ اُن کي ڊيمو ڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا جي ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي جنرل سيڪريٽري طور ٻيهر چونڊجڻ …
چين جي صدر شي جن پنگ پاران ڪم جونگ اُن کي ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
بيجنگ -23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ڪم جونگ ان کي ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي ٻيهر سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ صدر شي جن پنگ گذريل ڏينهن ڪم جونگ اُن کي ڊيمو ڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا جي ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي جنرل سيڪريٽري طور ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي نائين ڪانگريس ۾ شرڪت ڪندڙن ووٽنگ ذريعي ڪم جونگ اُن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي نائين ڪانگريس جو اجلاس 19 فيبروري تي پيانگ يانگ ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ مجموعي طور تي 5 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، ان ۾ پارٽي جي مرڪزي قيادت جا 224 ميمبر ۽ مقامي پارٽي آفيس پاران موڪليل 4 هزار 776نمائندا شامل هئا.











