آمريڪي سپريم ڪورٽ جو فيصلو، ڀارت ٽيرف تي واپاري ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون

نئين دهلي _ 23 فيبروري (اي پي پي)  ڀارت آمريڪا ۾ واپاري وفد موڪلڻ جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو بنيادي سبب اها غير يقيني صورتحال ٻڌائي آهي جيڪا آمريڪي سپريم ڪورٽ طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاڳو ڪيل ٽيرف کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد پيدا ٿي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڀارت جي واپار واري وزارت چيو ته ٻنهي ملڪن جي اختيارين  جي صلاح مشوري …

نئين دهلي _ 23 فيبروري (اي پي پي)  ڀارت آمريڪا ۾ واپاري وفد موڪلڻ جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو بنيادي سبب اها غير يقيني صورتحال ٻڌائي آهي جيڪا آمريڪي سپريم ڪورٽ طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاڳو ڪيل ٽيرف کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد پيدا ٿي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڀارت جي واپار واري وزارت چيو ته ٻنهي ملڪن جي اختيارين  جي صلاح مشوري بعد دورو رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، دوري جي ڪا نئين تاريخ طئي ناهي ڪئي وئي. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته دير جو  اصل سبب جمعي جي فيصلي بعد ٽيرف بابت غير يقيني صورتحال آهي. ڀارتي وفد آچر ڏينهن تي آمريڪا لاءِ روانو ٿيڻو هو  ته جيئن عارضي واپاري معاهدي کي قطئي شڪل ڏئي سگهجي، ڇو جو ٻئي ملڪ ان فريم ورڪ تي متفق ٿي ويا هئا جنهن تحت آمريڪا ڀارت جي روسي تيل جي خريداري سان جڙيل ڪجهه ڀارتي روانگي واپار تي لاڳو 25 سيڪڙو جي ٽيرف کي گهٽائڻ تي راضي هو. معاهدي تحت آمريڪي ٽيرف کي 18 سيڪڙو تائين گهٽائڻو هو، جڏهن ته ڀارت توانائي جي فراهمي، جهاز ۽ ان جي پرزن ، قيمتي ڌاتن ۽ ٽيڪنالاجي مصنوعات سميت مختلف آمريڪي شين جي پنج سالن ۾ 500 ارب ڊالر جي خريداري جي منظوري ڏني هئي. ڀارت جي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس ان عارضي معاهدي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو هو. ٻيهر ڳالهين جي اپيل ڪئي هئي ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي عدالت جي فيصلي کان اڳ گڏيل بيان جاري ڪرڻ جي فيصلي تي سوال اٿاريو هو.