رياض- 23 فيبروري(اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت زائرين جي سهولت لاءِ اردو سميت 16 ٻولين ۾ عمره ۽ زيارت گائيڊ جاري ڪئي آهي جنهن جو مقصد زائرين کي سندن ٻولين ۾ اهم معلومات فراهم ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عمره زائرين جي سهولت لاءِ جاري گائيڊ ۾ عمره ۽ زيارت جي مختلف مرحلن بابت تفصيلي معلومات فراهم ڪيل آهي، ان ۾ عمري جي سفر …
حج ۽ عمره زائرين جي سهولت لاءِ اردو سميت 16 ٻولين ۾ عمره ۽ زيارت گائيڊ جاري

مزید خبریں
رياض- 23 فيبروري(اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت زائرين جي سهولت لاءِ اردو سميت 16 ٻولين ۾ عمره ۽ زيارت گائيڊ جاري ڪئي آهي جنهن جو مقصد زائرين کي سندن ٻولين ۾ اهم معلومات فراهم ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عمره زائرين جي سهولت لاءِ جاري گائيڊ ۾ عمره ۽ زيارت جي مختلف مرحلن بابت تفصيلي معلومات فراهم ڪيل آهي، ان ۾ عمري جي سفر جي تياري لاءِ جاري ڪيل ويزا ۽ نسڪ تي عمره پرمٽ حاصل ڪرڻ، الحرمين الشريفين ۾ ٽرانسپورٽيشن کان علاوه واپسي جي مرحلي جي آسان ٻولي ۾ رهنمائي ڪئي وئي آهي. ان گائيڊ کي آسان بڻائڻ لاءِ تصويرن کي به شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مختلف هنڌن جا نقشا ۽ معلوماتي وڊيوز به آهن ته جيئن زائرين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پئي. ڊجيٽل گائيڊ بڪ عمره جي حوالي سان احرام جي معاملن، طواف، سعي ۽ حرمين الشريفين جي آدابن کان علاوه حرمين الشريفين ۾ فراهم ڪيل بنيادي خدمت کي بيان ڪيو ويو آهي. وزارت جو چوڻ آهي ته عمره ۽ زيارت گائيڊ جو مقصد عمره زائرين کي بهتر خدمت جي فراهي کي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن زائرين پنهنجي عمري جي سفر دوران فراهم ڪيل خدمت مان درست نموني فائدو کڻي سگهن.











