آمريڪا سان ايٽمي ڳالهين ۾ دٻاءُ آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين: ايران جو صدر

تهران -22 فيبروري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان  چيو آهي، ته آمريڪا سان ايٽمي ڳالهين ۾ دٻاءُ آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب مسعود پز شڪيان  ايران جي سرڪاري ٽيليويزن تي نشر ٿيل هڪ خطاب ۾ چيو ته عالمي طاقتون اسان کي ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ صف بندي ڪري رهيون آهن، پر انهن سمورن مسئلن باوجود ڪنڌ نه جهڪائينداسين جيڪي هو اسان لاءِ …

تهران -22 فيبروري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان  چيو آهي، ته آمريڪا سان ايٽمي ڳالهين ۾ دٻاءُ آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب مسعود پز شڪيان  ايران جي سرڪاري ٽيليويزن تي نشر ٿيل هڪ خطاب ۾ چيو ته عالمي طاقتون اسان کي ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ صف بندي ڪري رهيون آهن، پر انهن سمورن مسئلن باوجود ڪنڌ نه جهڪائينداسين جيڪي هو اسان لاءِ پيدا ڪري رهيا آهن. ايران جي صدر چيو ته اسان سمورن سختين ۽ مسئلن باوجود ڪنهن به آزمائش آڏو هار نه مڃينداسين.اسان مشڪلاتن جو مقابلو ڪنداسين ۽ قطعي فتح اسان جو مقدر هوندي.