غزه -22 فيبروري (اي پي پي) اسرائيل غزه ۾ رهائشي علائقن تائين ”ييلو لائين“ کي توسيع ڏيندي 60 سيڪڙو ايراضي تي قبضو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني سماجي تنظيمن جي نيٽ ورڪ جي سربراهه امجد الشوا بڌايو ته بي گهر ٿيل لکين ماڻهن جي وسيع تر انساني ضرورتن باوجود هن وقت تائين غزه جي پٽي ۾ ڪو هڪ به موبائيل هوم داخل ناهي ٿي سگهيو. هن اسرائيلي فوج …
اسرائيل جي غزه م رهائشي علائقن تائين ”ييلو لائين“ جي توسيع، 60 سيڪڙو ايراضي تي قبضو ڪري ورتو

مزید خبریں
غزه -22 فيبروري (اي پي پي) اسرائيل غزه ۾ رهائشي علائقن تائين ”ييلو لائين“ کي توسيع ڏيندي 60 سيڪڙو ايراضي تي قبضو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني سماجي تنظيمن جي نيٽ ورڪ جي سربراهه امجد الشوا بڌايو ته بي گهر ٿيل لکين ماڻهن جي وسيع تر انساني ضرورتن باوجود هن وقت تائين غزه جي پٽي ۾ ڪو هڪ به موبائيل هوم داخل ناهي ٿي سگهيو. هن اسرائيلي فوج تي الزام لڳايو ته هن غزه جي وسيع ايراضي تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکيو آهي ۽ نالي ماتر ييلو لائين جو دائرو رهائشي علائقن تائين وڌايو پيو وڃي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته اسرائيلي فوج عملي طور تي غزه جي پٽي جي 60 سيڪڙو ايراضي تي قابض ٿي چڪي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پناهه گاهن جي سامان، اڏاوتي مواد ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ سموريون راهداريون مڪمل ۽ مستقل طور تي کوليون وڃن.











