گڏيل قومون-21 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ نون مستقل ميمبرن جي شامل ٿيڻ جي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان سان 15 ميمبرن واري اداري جي غير فعاليت ۾ اضافو ۽ خودمختيار برابري جي اصول جي ڀڃڪڙي ٿيندي. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي حوالي سان ڊگهي عرصي کان …
سلامتي ڪائونسل ۾ نون مستقل ميمبرن جي شموليت سان اداري جي غير فعاليت ۾ اضافو ۽ خودمختيار برابري جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿيندي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-21 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ نون مستقل ميمبرن جي شامل ٿيڻ جي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان سان 15 ميمبرن واري اداري جي غير فعاليت ۾ اضافو ۽ خودمختيار برابري جي اصول جي ڀڃڪڙي ٿيندي. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي حوالي سان ڊگهي عرصي کان جاري بين الحڪومتي ڳالهين (آءِ جي اين) جي ٻاهر شروع ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. عاصم افتخار چيو ته پاڪستان جمهوري نمائندگي وڌائڻ لاءِ رڳو غير مستقل چونڊيل سيٽن کي وڌائڻ جي وڪالت ڪري ٿو ته جيئن ”سڀني لاءِ سڌارا، ڪنهن لاءِ استحقاق“ کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انفرادي مستقل رڪنيت جي مهم متفقا اصولن تحت هلندڙ سڌارن جي بنياد نٿي بڻجي سگهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ميمبرن جي وڏي اڪثريت ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته مستقل رڪنيت ۽ ويٽو ڪائونسل جي فالج ۽ بي عملي جو بنيادي حصو آهن جيڪي ڪيترن ئي سالن ۾ اڪثر ڏٺا پيا وڃن، اها مرڪزي فالٽ لائن آهي جيڪا ڪائونسل جي ساک ۽ تاثير کي ڪمزور ڪري ٿي. پاڪستان جي مستقل موقف کي اجاگر ڪندي هن چيو ته نوان مستقل ميمبر موجوده ميمبرن جي غير معمولي اثر ورسوخ کي بي اثر نه ڪندا پر هو انهن کي ڦهلائڻ جو خطرو پيدا ڪنداهن چيو ته پاڪستان جي راءِ هئي ته پنج مستقل ميمبرن جي طاقت کي متوازن ڪرڻ جو بهترين طريقو وڌيڪ جمهوري ۽ جوابده آهي جنهن ۾ چونڊيل، غير مستقل ميمبرن ۾ بامعني اضافو به شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان مستقل سيٽن لاءِ آفريقا جي مطالبي کي پوري طرح سمجهي ٿو ۽ ان جو احترام ڪري ٿو .











