لنڊن -21 فيبروري(اي پي پي) برطانيه چيو آهي، ته ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهو منع ٿيل نئين امگريشن قانونن جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ايئر لائينز کي پنهنجي برطانوي شهريت ثابت ڪرڻ لاءِ ختم ٿيل برطانوي پاسپورٽ به استعمال ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا برطانوي گهرو وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته نئين قانون (جيڪو ايندڙ اربع تي لاڳو ٿيندو) تحت ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ هر ان ماڻهو کي جيڪو ٻٽي …
اندرون ملڪ سفر لاءِ ختم ٿيل برطانوي پاسپورٽ به شهريت جي ثبوت طور قبول جوڳو آهي: گهرو وزارت

مزید خبریں
لنڊن -21 فيبروري(اي پي پي) برطانيه چيو آهي، ته ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهو منع ٿيل نئين امگريشن قانونن جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ايئر لائينز کي پنهنجي برطانوي شهريت ثابت ڪرڻ لاءِ ختم ٿيل برطانوي پاسپورٽ به استعمال ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا برطانوي گهرو وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته نئين قانون (جيڪو ايندڙ اربع تي لاڳو ٿيندو) تحت ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ هر ان ماڻهو کي جيڪو ٻٽي شهريت رکندڙ هجي جهاز، سامونڊي جهاز يا ٽرين ۾ سوار ٿيڻ وقت برطانوي پاسپورٽ پيش ڪرڻو پوندو يا وري پنهنجي پرڏيهي پاسپورٽ سان 589 پائونڊ فيس جي عيوض حاصل ڪيل سرٽيفڪيٽ آف انٽائٽلمينٽ لڳائڻو پوندو. ايئر لائينز ۽ ٻين ٽرانسپورٽ آپريٽرز کي ان صورت ۾ ڏنڊ کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪڏهن هو اهڙن مسافرن کي سوار ڪن ٿا جن وٽ ملڪ ۾ داخلا جو حق حاصل ناهي. لبرل ڊيمو ڪريٽس مطالبو ڪيو آهي، ته متاثر ماڻهن کي نئون پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اهو عمل ڪيترن ئي هفتن تي ٻڌل ٿي سگهي ٿو. ڊيمو ڪريٽس جي اميگريشن ۽ پناهه واري ترجمان ول فورسٽر چيو آهي، ته انهن تبديلين سان ڪيترائي ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهو مشڪل صورتحال ۾ پئجي ويندا. هن چيو ته جيستائين حڪومت ان افراتفري کي درست نه ٿي ڪري ان کي گهرجي ته هڪ عارضي مهلت ڏئي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ٻٽي شهريت رکندڙ شهري انتهائي تڪليف ڏيندڙ حالتن ۾ بيمار خاندانن سان ملڻ يا شادين ۽ جنازن ۾ شرڪت کان قاصر آهن. حڪومت کي موجوده نظام جي ڀيت ۾ گهٽ لاڳت ۽ برداشت جوڳي متبادل به فوري طور تي فراهم ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته برطانوي ۽ آئرش ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهو نئين قانونن سبب متاثر نه ٿيندا.











