پيرس-20 فيبروري(اي پي پي)فرانس ڀارت سان گڏيل طور تي رافيل ويڙهاڪ جهاز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته فرانس ۽ ڀارت دفاعي سهڪار جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جنهن ۾ گڏيل طور تي رافيل ويڙهاڪ جهاز ۽ هيليڪاپٽر به تيار ڪيا ويندا. فرانس جي صدر جو چوڻ هو ته فرانس کي اميد آهي ته ڀارت فرانس کان …
فرانس طرفان ڀارت سان گڏيل طور تي رافيل ويڙهاڪ جهاز ٺاهڻ جو اعلان

مزید خبریں
پيرس-20 فيبروري(اي پي پي)فرانس ڀارت سان گڏيل طور تي رافيل ويڙهاڪ جهاز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته فرانس ۽ ڀارت دفاعي سهڪار جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جنهن ۾ گڏيل طور تي رافيل ويڙهاڪ جهاز ۽ هيليڪاپٽر به تيار ڪيا ويندا. فرانس جي صدر جو چوڻ هو ته فرانس کي اميد آهي ته ڀارت فرانس کان وڌيڪ آبدوزون به خريد ڪندو. فرانس جي صدر ڀارت جي ٽن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دفاعي لاڳاپن ۾ هڪ قدم اڳتي وڌندي ڀارت پاران وڌيڪ 114 رافيل ويڙهاڪ جهاز فائيٽرز جو امڪاني آرڊر آهي جڏهن ته فرانس کي اميد آهي ته ڀارت فرانس کان آبدوز به خريد ڪندو. هن چيو ته رافيل ويڙهاڪ جهاز تي اسان جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا اها ان کي توسيع ڏيڻ آهي.











