سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان پاران رمضان المبارڪ دوران 3 ارب ريالن جي امداد ورهائڻ جي هدايت

رياض-20 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سفارش تي سماجي ڪفالت مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ رمضان المبارڪ ۾ 3 ارب ريالن کان وڌيڪ امداد ورهائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق افرادي قوت ۽ سماجي ڀلائي بابت وزير انجنيئر احمد الراجحي سماجي ڪفالت مان فائدو کڻندڙن ۽ رمضان دوران ضرورتمند شهرين جي ضرورتن تي ڌيان …

رياض-20 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سفارش تي سماجي ڪفالت مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ رمضان المبارڪ ۾ 3 ارب ريالن کان وڌيڪ امداد ورهائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق افرادي قوت ۽ سماجي ڀلائي بابت وزير انجنيئر احمد الراجحي سماجي ڪفالت مان فائدو کڻندڙن ۽ رمضان دوران ضرورتمند شهرين جي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻ تي سعودي قيادت جو ٿورو مڃيو آهي. انهن قدم تحت خاندان جي سربراهه کي هڪ هزار ريال ۽ هر فيملي ميمبر کي 500 ريال مالي سهڪار جي مد ۾ ڏنا ويندا.