رمضان المبارڪ ۾ ”رياض الجنه“ جي زيارت لاءِ نئين شيڊول جو اعلان

رياض-20 فيبروري (اي پي پي)حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري رمضان المبارڪ دوران مسجد نبوي ۾ رياض الجنه جي زيارت لاءِ نئين شيڊول جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري گذريل ڏينهن ٻڌايو ته رمضان المبارڪ جي شروعاتي ٻن ڏهاڪن ۾ مردن لاءِ رياض الجنه جي زيارت جو وقت صبح جو 11:20 کان رات 8 وڳي تائين جڏهن ته رات 2 وڳي کان صبح …

رياض-20 فيبروري (اي پي پي)حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري رمضان المبارڪ دوران مسجد نبوي ۾ رياض الجنه جي زيارت لاءِ نئين شيڊول جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري گذريل ڏينهن ٻڌايو ته رمضان المبارڪ جي شروعاتي ٻن ڏهاڪن ۾ مردن لاءِ رياض الجنه جي زيارت جو وقت صبح جو 11:20 کان رات 8 وڳي تائين جڏهن ته رات 2 وڳي کان صبح جو 5 وڳي تائين هوندو. اهڙيءَ ريت عورت زائرين لاءِ به شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. نئون وقت رات 11 وڳي کان 1:40 منٽن تائين جڏهن ته فجر جي نماز کانپوءِ 6 وڳي کان 11 وڳي تائين جو وقت رکيو ويو آهي. رمضان المبارڪ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ مردن لاءِ ٽي وقت مقرر ڪيا ويا آهن. صبح 11:20 کان رات 8 وڳي تائين، رات 11 کان 12 وڳي تائين ۽ ٽيون وقت رات 2 کان صبح 5 وڳي تائين هوندو. ٽئين ڏهاڪي ۾ عورتن لاءِ رياض الجنه جو وقت فجر کانپوءِ صبح 6 کان 11 وڳي تائين آهي. اداري جو چوڻ آهي ته رياض الجنه لاءِ نسڪ ايپ تي اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻ ضروري آهي.