آمريڪي صدر پاران اڻڄاتل يو ايف اوز ۽ خلائي مخلوق بابت سرڪاري فائيل جاري ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن-20 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يو ايف اوز (اڏامندڙ تشترين) ۽ خلائي مخلوق بابت سرڪاري فائيل جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته هو وفاقي ادارن کي هدايت ڏئي رهيو آهي ته يو ايف اوز ۽ خلائي مخلوق بابت سرڪاري رڪارڊ جي نشاندهي ڪري انهن کي جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو، جنهن جو مطالبو آمريڪي حلقا …

واشنگٽن-20 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يو ايف اوز (اڏامندڙ تشترين) ۽ خلائي مخلوق بابت سرڪاري فائيل جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته هو وفاقي ادارن کي هدايت ڏئي رهيو آهي ته يو ايف اوز ۽ خلائي مخلوق بابت سرڪاري رڪارڊ جي نشاندهي ڪري انهن کي جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو، جنهن جو مطالبو آمريڪي حلقا ڏهاڪن کان ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته عوامي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي هو لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڏئي رهيو آهي ته هو خلائي مخلوق، زمين جي مٿان زندگي، اڻڄاتل فضائي مظاهر (يو اي پي) ۽ اڻڄاتل اڏامندڙ تشترين بابت سرڪاري فائلز جي نشاندهي ۽ انهن کي جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪن. هن اهو واضح نه ڪيو ته ڳجها دستاويز به منظر عام تي آندا ويندا يا نه، پر سندس چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ دستياب سموري معلومات شامل هجڻ گهرجي.