رمضان المبارڪ ۾ عمري کان اڳ گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين ڪرائي ويندي: سعودي عرب

رياض - 20 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي صحت واري وزارت رمضان المبارڪ ۾ عمرو ادا ڪرڻ اڳ گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين لڳرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو حفاظتي قدم جو حصو آهي جنهن جو مقصد ضيوف الرحمان جي حفاظت ڪرڻ آهي. خاص طورتي مذهبي سيزن دوران مقدس هنڌن تي ٿيندڙ رش کي نظر ۾ رکندي اهي حفاظتي قدم ضروري ٿي ويندا آهن. سعودي …

رياض – 20 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي صحت واري وزارت رمضان المبارڪ ۾ عمرو ادا ڪرڻ اڳ گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين لڳرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو حفاظتي قدم جو حصو آهي جنهن جو مقصد ضيوف الرحمان جي حفاظت ڪرڻ آهي. خاص طورتي مذهبي سيزن دوران مقدس هنڌن تي ٿيندڙ رش کي نظر ۾ رکندي اهي حفاظتي قدم ضروري ٿي ويندا آهن. سعودي عرب جي صحت واري وزارت چيو آهي ته ميڙ واري هنڌ تي انفيڪشن پکڙجڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن جن ۾ سڀ کان نمايان گردن ٽوڙ بخار آهي جيڪو ساهه جي قطرن ذريعي ڦهلجندو آهي ۽ احتياط نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين طبي مونجهارن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزارت زور ڀريو ته ويڪسين لڳرائڻ زائرين جي حفاظت لاءِ هڪ بنيادي قدم آهي. وزارت پنهنجي آفيشل ” ايڪس “ اڪائونٽ ذريعي ٻڌايو ته عمري جي ادائيگي لاءِ روانو ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ 10  ڏينهن پهريان ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ته جيئن قوت مدافعت پيدا ٿي سگهي ۽ مناسڪ جي ادائيگي دوران تحفظ جو بهترين معيار يقيني بڻائي سگهجي.