ڍاڪا -19 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش جي گهرووزير صلاح الدين احمد چيو آهي ته ملڪ جي 13 هين پارلياماني چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي بعد بي اين پي جي نئين حڪومت جي قائم ٿيڻ سان ئي ملڪ ۾ ”جٿا ڪلچر “ جو خاتمو ٿي ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بنگلاديش سيڪريٽريٽ ۾ گهرو وزارت ۾ پنهنجي پهرين ورڪنگ ڊي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيندي هن چيو ته …
بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد پاران ملڪ ۾ ” جٿا ڪلچر “ جي خاتمي جو اعلان

مزید خبریں
ڍاڪا -19 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش جي گهرووزير صلاح الدين احمد چيو آهي ته ملڪ جي 13 هين پارلياماني چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي بعد بي اين پي جي نئين حڪومت جي قائم ٿيڻ سان ئي ملڪ ۾ ”جٿا ڪلچر “ جو خاتمو ٿي ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بنگلاديش سيڪريٽريٽ ۾ گهرو وزارت ۾ پنهنجي پهرين ورڪنگ ڊي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيندي هن چيو ته بنگلاديش ۾ جٿا ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي ، ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو . گهرو وزير واضح ڪيو ته مطالبن جي نالي تي شاهراهن ۽ روڊن تي قبضو يا هنگامو وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو پر جائز مطالبن کي ضابطي مطابق پورو ڪيو ويندو . هن چيو ته جلسا، جلوس ۽ ٻيا آئيني ۽ جهموري حق بدستور استعمال ڪري سگهجن ٿا . حڪومت بنگلاديش پوليس کي عوام دوست فورس ۾ تبديل ڪندي ۽ سندس وڃايل وقار بحال ڪيو ويندو . هن چيو ته پوليس کي عوام جو دوست بڻائڻو پوندو . پوليس کي وڃايل پنهنجي سڃاڻپ واپس آڻڻي پوندي . گهرو وزير وڌيڪ اعلان ڪيو ته گهرو وزارت کي مڪمل طور تي بدعنواني کان پاڪ ادارو بڻايو ويندو ۽ سمورن لاڳاپيل شعبن ۾ جواب ده ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو . هن يقين ڏياريو ته ڪنهن به غير قانوني لابي کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ بدعنوان عنصرن خلاف مڪمل جاچ بعد سخت ڪارروائي ڪئي ويندي .











