سڊني -19 فيبروري (اي پي پي) آسٽريليا جي سڀ کان وڏي مسجد جي انتظاميه هڪ مهيني اندر ٽيون ڀيرو ڌمڪي وارو خط ملڻ بعد اضافي سيڪيورٽي جو مطالبو ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ اولهه سڊني ۾ واقع مسجد کي اربع ڏينهن هڪ اهڙو خط مليو هيو جنهن ۾ مسلمانن کي قتل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو خط رمضان المبارڪ جي شروعات کان …
آسٽريليا جي سڀ کان وڏي مسجد کي ٽيون ڀيرو ڌمڪي وارو خط مليو، انتظاميه جو سيڪيورٽي وڌائڻ جو مطالبو

مزید خبریں
سڊني -19 فيبروري (اي پي پي) آسٽريليا جي سڀ کان وڏي مسجد جي انتظاميه هڪ مهيني اندر ٽيون ڀيرو ڌمڪي وارو خط ملڻ بعد اضافي سيڪيورٽي جو مطالبو ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ اولهه سڊني ۾ واقع مسجد کي اربع ڏينهن هڪ اهڙو خط مليو هيو جنهن ۾ مسلمانن کي قتل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو خط رمضان المبارڪ جي شروعات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ پهچايو ويو ۽ اهو 22 جنوري کان پوءِ مسجد کي موڪلي ٽيون ڌمڪي وارو خط آهي . ايل ايم اي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته انهن ڌمڪين سبب ڪميونٽي ۾ ڳڻتي ۾ اضافو ٿيو آهي . هن چيو ته ايل ايم اي حڪومت کي باضابطه طورتي خط لکي مسجد جي چوڌاري اضافي سيڪيورٽي گارڊز ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن لاءِ وڌيڪ فنڊ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي . رياست نيو سائوٿ ويلز جي پوليس ڪمشنر ميڊيا ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته پوليس ڌمڪي وارو خط قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي . هن چيو ته اسان رمضان جي موقعي تي مسلمان برادري کي ڀرپورسهڪار فراهم ڪري رهيا آهيون . ياد رهي ته جنوري ۾ مسجد کي موڪليل پهرين خط جي سلسلي ۾ هڪ 70 سالن جي شخص کي گرفتار ڪري ان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ مهيني موڪليل ٻي خط ۾ مسجد جي عمارت کي سڙندي ڏيکاري ويو آهي. آسٽريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ۽ ڪميونٽي جي سيڪيورٽي اولين ترجيح آهي .











