مسجد نبوي ۽ مسجد قبا ۾ نماز جي ادائيگي لاءِ شٽل سروس جي شروعات

 رياض-18 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب ۾ مدينه بسون ” پروجيڪٽ رمضان المبارڪ دوران پانڌيئڙن ۽ نمازين جي خدمت، مسجد نبوي ۽ مسجد قبا تائين جي مسافري کي آسان بڻائڻ لاءِ منصوبي ۾ توسيع جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقدس شهر جي مختلف علائقن مان شٽل ٽرانسپورٽ سروس لاءِ 8 روٽس آهن. نمازن جي ادائيگي لاءِ منجهد جو 3 وڳي کان تراويح جي نماز جي هڪ ڪلاڪ بعد …

 رياض-18 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب ۾ مدينه بسون ” پروجيڪٽ رمضان المبارڪ دوران پانڌيئڙن ۽ نمازين جي خدمت، مسجد نبوي ۽ مسجد قبا تائين جي مسافري کي آسان بڻائڻ لاءِ منصوبي ۾ توسيع جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقدس شهر جي مختلف علائقن مان شٽل ٽرانسپورٽ سروس لاءِ 8 روٽس آهن. نمازن جي ادائيگي لاءِ منجهد جو 3 وڳي کان تراويح جي نماز جي هڪ ڪلاڪ بعد تائين شٽل سروس جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. مدينه ڊولپمينٽ اٿارٽي مقدس شهر کان مسجد نبوي اچڻ لاءِ 8 ٽريڪس مخصوص ڪيا آهن جن ۾ الخالديه، شاهه فهد محله، ريلوي اسٽيشن، شظاه محله ، سيد الشهدا ، السلام ڪالج، اسپورٽس اسٽيڊيم ۽ الحديقه شامل آهن . مسجد قبا اچڻ لاءِ پارڪنگ لاٽ العاليه اسٽيشن “ کي مرڪز بڻايو ويو آهي جتان شٽل ذريعي سڌيءَ ريت مسجد قبا پهچي سگهجي ٿو.

مزید خبریں