واشنگٽن _ 18 فيبروري (اي پي پي ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاپان تي زور ڀريو آهي ته هو ڪنزيومر ٽيڪس ۾ گهٽتائي کان پاسو ڪري ڇو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو غير هدفي قدم ملڪ جي مالياتي صورتحال کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ ايم ايف طرفان اهڙي خبرداري اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن جاپان جي وزيراعظم هلندڙ مهيني …
آءِ ايم ايف پاران جاپان کي ڪنزيومر ٽيڪس ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ جي تجويز

مزید خبریں
واشنگٽن _ 18 فيبروري (اي پي پي ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاپان تي زور ڀريو آهي ته هو ڪنزيومر ٽيڪس ۾ گهٽتائي کان پاسو ڪري ڇو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو غير هدفي قدم ملڪ جي مالياتي صورتحال کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ ايم ايف طرفان اهڙي خبرداري اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن جاپان جي وزيراعظم هلندڙ مهيني ٿيندڙ عام چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي بعد خوراڪ ۽ مشروبات تي لاڳو 8 سيڪڙو ڪنزيومر ٽيڪس کي 2 سالن لاءِ معطل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. آءِ ايم ايف جاپان جي اختيارين سان باقاعده صلاح مشوري جي آخر ۾ جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته وڌندڙ مهنگائي يا وڏن پرڏيهي جهٽڪن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڪمزور گهرراڻن ۽ ڪاروباري ادارن لاءِ سهڪاري بجيٽ جي لحاظ کان غير جانبدار، عارضي ۽ مخصوص گروپن تائين محدود هجڻ گهرجي. عالمي مالياتي فند خبردار ڪيو آهي ته جاپان جو سرڪاري قرض جيڪو وڏي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، ڊگهي مدي ۾ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي. جيتوڻيڪ خرچ تي ضابطو ۽ بهتر ٽيڪس وصولي مالياتي استحڪام جي ڪوششن ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. جاپان جي ناڻي واري وزير ٽوڪيو ۾ چيو ته آءِ ايم ايف جي سفارشن کي سامهون رکندي حڪومت جي مضبوط معيشت ۽ مالي استحڪام جي هڪ ئي وقت حاصل پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.











