گڏيل قومون-18 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي 80 کان وڌيڪ ميمبر ملڪن والاريل اولهندي ڪناري تي ڪنٽرول وڌائڻ ۽ فلسطيني سرزمين جي وڏي ايراضي کي اسرائيلي ”رياست جي ملڪيت“ قرار ڏيڻ جي اسرائيل جي منصوبي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ فلسطيني سفير منصور گذريل ڏينهن 85 ميمبر ملڪن ۽ ڪيترن ئي عالمي تنظيمن جي اتحاد طرفان ڳالهائيندي چيو ته اسان اسرائيل جي هڪطرفي …
گڏيل قومن جي 80 ميمبر ملڪن پاران والاريل اولهه ڪناري تي ڪنٽرول وڌائڻ جي اسرائيل جي منصوبي جي مذمت

مزید خبریں
گڏيل قومون-18 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي 80 کان وڌيڪ ميمبر ملڪن والاريل اولهندي ڪناري تي ڪنٽرول وڌائڻ ۽ فلسطيني سرزمين جي وڏي ايراضي کي اسرائيلي ”رياست جي ملڪيت“ قرار ڏيڻ جي اسرائيل جي منصوبي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ فلسطيني سفير منصور گذريل ڏينهن 85 ميمبر ملڪن ۽ ڪيترن ئي عالمي تنظيمن جي اتحاد طرفان ڳالهائيندي چيو ته اسان اسرائيل جي هڪطرفي فيصلي ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيل جي غير قانوني موجودگي کي وڌائڻ لاءِ قدمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. فلسطيني سفير چيو ته اهڙي طرح جي فيصلي جي غير قانوني موجودگي کي وڌائڻ جي قدمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. فلسطيني سفير چيو ته اهڙي طرح جا فيصلا عالمي قانون تحت اسرائيل جي ذميوارين خلاف آهن ۽ انهن کي فوري طور تي واپس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اسان والاريل بيت المقدس جي اوڀر حصي سميت 1967ع کان والاريل فلسطيني سرزمين جي آبادياتي ساخت، ڪردار ۽ حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ سمورن قدمن کي رد ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جا قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائن ٿا، جامع منصوبن خلاف آهن ۽ تڪرارن جي خاتمي لاءِ امن معاهدي تائين پهچڻ جي امڪانن کي خطري ۾ وجهن ٿا.گڏيل بيان تي صحيحون ڪندڙن ۾ آسٽريليا، ڪينيڊا، چين، فرانس، پاڪستان، روس، ڏکڻ ڪوريا، سعودي عرب، ترڪي، گڏيل عرب امارات، يورپي يونين، ليگ آف عرب اسٽيٽس ۽ اسلامي تعاون تنظيم شامل آهن. گڏيل بيان 1967ع کانپوءِ اولهندي ڪناري جي علائقي سي ۾ ايراضي جي رجسٽريشن لاڳو ڪرڻ جي اسرائيل جي فيصلي کانپوءِ پهريون ڀيرو جاري ڪيو ويو آهي. غير قانوني آبادڪاري جي نگراني ڪندڙ تنظيم پيس نا موجب ايريا سي اولهه ڪناري جي اٽڪل 60 سيڪڙو علائقي تي ٻڌل آهي، انصاف واري عالمي عدالت موجب اٽڪل 465000 اسرائيلي آبادڪار والاريل اولهه ڪناري ۾ رهن ٿا، جيڪي اٽڪل 300 وستين ۽ چوڪين ۾ پکڙيل آهن، جيڪي عالمي قانونن تحت غير قانوني آهن.











