بنگلاديش جي 13هين پارليامينٽ جي تازو چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

ڍاڪا-17 فيبروري(اي پي پي)بنگلاديش جي 13 هين قومي پارليامينٽ جي تازو ٿيل اليڪشن ۾ چونڊيل ميمبرن گذريل ڏينهن حلف کڻي ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر اي ايم ايم ناصر الدين مقامي وقت مطابق صبح 10 لڳي  42 منٽن تي کانئن حلف ورتو. نئين ڪابينه ميمبرن کان حلف وٺڻ بعد چيف اليڪشن ڪمشنر آئيني سڌارن واري ڪائونسل جي ميمبرن کان به حلف وٺندو. آئين مطابق اسپيڪر يا ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ …

ڍاڪا-17 فيبروري(اي پي پي)بنگلاديش جي 13 هين قومي پارليامينٽ جي تازو ٿيل اليڪشن ۾ چونڊيل ميمبرن گذريل ڏينهن حلف کڻي ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر اي ايم ايم ناصر الدين مقامي وقت مطابق صبح 10 لڳي  42 منٽن تي کانئن حلف ورتو. نئين ڪابينه ميمبرن کان حلف وٺڻ بعد چيف اليڪشن ڪمشنر آئيني سڌارن واري ڪائونسل جي ميمبرن کان به حلف وٺندو. آئين مطابق اسپيڪر يا ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر پارليامينٽ جي تازو چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺندو آهي، تازو چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب جي موقعي تي پارليامينٽ جي سيڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪيا ويا هئا. حلف برداري تقريب ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مقامي ۽ پرڏيهي مهمانن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن 12 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن بعد 13 فيبروري تي 297 چونڊيل ميمبرن جو گزيٽ نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو هو . اليڪشن ڪميشن جي سرڪاري نتيجي مطابق بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي قيادت ۾ ٺهيل اتحاد 297 مان 211 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته بنگلاديش اسلامي پارٽي جي قيادت ۾ 11 جماعتي اتحاد 77 سيٽون حاصل ڪيون، آزاد اميدوارن 7 سيٽون کٽيون.

مزید خبریں