رياض سيزن پڄاڻي تي پهتي، گهمڻ آيل ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ 70 لک تائين پهچي ويو

 رياض-17 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب جي جنرل انٽرٽينمينٽ اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي چيئرمين ترڪي بن عبدالمحسن آل الشيخ چيو آهي ته رياض سيزن جي ڇهين ايڊيشن جي آخر تائين گهمڻ آيل ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ 70 لک تائين پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض سيزن جي شروعات گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿي، سيزن ۾ گهمڻ آيل ماڻهن جو ايڏو وڏو انگ ان ايونٽ جي غير معمولي مقبوليت …

 رياض-17 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب جي جنرل انٽرٽينمينٽ اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي چيئرمين ترڪي بن عبدالمحسن آل الشيخ چيو آهي ته رياض سيزن جي ڇهين ايڊيشن جي آخر تائين گهمڻ آيل ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ 70 لک تائين پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض سيزن جي شروعات گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿي، سيزن ۾ گهمڻ آيل ماڻهن جو ايڏو وڏو انگ ان ايونٽ جي غير معمولي مقبوليت ۽ عوامي دلچسپي جو واضح ثبوت آهي. رياض سيزن جي ڇهين ايڊيشن ۾ جديد تفريحي زونز، ٿيٽر شوز کان علاوه عالمي راندين جا مقابلا جن ۾ باڪسنگ، ٽينس ۽ سنوڪر وغيره شامل هيا جيڪي نمايا رهيا. عرب ۽ عالمي ڳائڻن جا ڪنسرٽس ۽ مختلف عمر جي ماڻهن لاءِ انٽر ايڪٽو سرگرمين جو به اهتمام ڪيو ويو هو. مختلف هنڌن تي گهمڻ آيل ماڻهن جو انگ وڏي تعداد ۾ ڏٺو ويو جنهن جو بنيادي سبب مختلف قسمن جون سرگرميون هيون.

مزید خبریں