سوڊان جي مرڪزي علائقي ڪردفان جي مصروف مارڪيٽ تي ڊرون حملو، 28 ڄڻا اجل جو شڪار

 خرطوم -17 فيبروري ( اي پي پي) سوڊان جي مرڪزي علائقي ڪردفان ۾ هڪ مصروف مارڪيٽ تي ڊرون سان فائر ڪيل ميزائل حملي ۾ 28 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب شهرين خلاف تشدد جي نگراني ڪندڙ گروپ ” ايمرجنسي لائرز“ هڪ بيان ۾ چيو ته ڊرونز اتر ڪردفان رياست جي علائقي سودري ۾ الصفيه مارڪيٽ ۾ بمباري ڪئي. اها بمباري ان وقت …

 خرطوم -17 فيبروري ( اي پي پي) سوڊان جي مرڪزي علائقي ڪردفان ۾ هڪ مصروف مارڪيٽ تي ڊرون سان فائر ڪيل ميزائل حملي ۾ 28 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب شهرين خلاف تشدد جي نگراني ڪندڙ گروپ ” ايمرجنسي لائرز“ هڪ بيان ۾ چيو ته ڊرونز اتر ڪردفان رياست جي علائقي سودري ۾ الصفيه مارڪيٽ ۾ بمباري ڪئي. اها بمباري ان وقت ٿي جڏهن مارڪيٽ ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت شهرين جو وڏو انگ موجود هيو. ايمرجنسي لائرز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آبادي وارن علائقن کي نشانو بنائڻ لاءِ ڊرونز جو بار بار استعمال شهري حياتين سان سنگين لاپرواهي کي  ظاهر  ڪري ٿو. جيڪو ان خطرناڪ اڳڀرائي جو اشارو آهي جيڪو صوبي ۾ روز مره جي زندگي جي صورت حال کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي ان ڪري ٻنهي ڌرين کان ڊرون حملا فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. واضح رهي ته اهو علائقو سوڊان جي فوج ۽ نيم فوجي فورس ريپڊ سپورٽ فورسز ( آر ايس ايف ) وچ ۾ ٽن سالن جي جنگ ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار آهي.  هڪ هفتو اڳ به اتر ڪردفان جي شهر راهد ويجهو ڊرون وسيلي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو هو جنهن ۾ 8 ٻارن سميت 24 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا هيا. ان حملي کان هڪ ڏينهن اڳ به ورلڊ فوڊ پروگرام جي امدادي قافلي کي بڊرون سان نشانو بڻايو ويو هو.

مزید خبریں