چين پاران برطانيه ۽ ڪينيڊا لاءِ 17 فيبروري کان ويزا فري انٽري جو اعلان

بيجنگ-16 فيبروري (اي پي پي) چين برطانيه ۽ ڪينيڊا جي شهرين لاءِ ويزا فري داخلا جو اعلان ڪيو آهي. خابرو اداري مطابق بيجنگ تصديق ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن برطانيه ۽ ڪينيڊا جا شهري ويزا کانسواءِ چين وڃي سگهن ٿا. اهو فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن برطانيه ۽ ڪينيڊا واشنگٽن جي بدلجندڙ مزاج سبب بيجنگ سان  ويجهڙائي وڌائي رهيا آهن. ان معاملي جي شروعات هلندڙ سال جنوري ۾ ٿي …

بيجنگ-16 فيبروري (اي پي پي) چين برطانيه ۽ ڪينيڊا جي شهرين لاءِ ويزا فري داخلا جو اعلان ڪيو آهي. خابرو اداري مطابق بيجنگ تصديق ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن برطانيه ۽ ڪينيڊا جا شهري ويزا کانسواءِ چين وڃي سگهن ٿا. اهو فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن برطانيه ۽ ڪينيڊا واشنگٽن جي بدلجندڙ مزاج سبب بيجنگ سان  ويجهڙائي وڌائي رهيا آهن. ان معاملي جي شروعات هلندڙ سال جنوري ۾ ٿي هئي جڏهن برطانوي وزيراعظم ڪيئراسٽارمر ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني بيجنگ جو اهم دورو ڪيو هو. ان دوري جو بنيادي مقصد چين سان ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۽ واپاري لاڳاپن کي نئين زندگي ڏيڻ هو. اولهه جي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي غير متوقع پرڏيهي پاليسي برطانيه ۽ ڪينيڊا جهڙن اتحادين کي مجبور ڪيو آهي ته هو بيجنگ طرف ڏسن ۽ تازو ويزا ڇوٽ ان حڪمت عملي جو هڪ ثمر آهي .چين جي اختيارين طرفان جاري بيان ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته اها سهولت في الحال 31 ڊسمبر تائين  ڏني وئي آهي.  ان دوران برطانيه ۽ ڪينيڊا جا شهري سياحت، ڪاروبار يا پنهنجي عزيزن سان ملڻ لاءِ 30 ڏينهن تائين چين ۾ قيام ڪري سگهن ٿا . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان قدم جو مقصد عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ آهي ته جيئن ٻنهي خطن وچ ۾ مٽا سٽا جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون گهٽ ٿين. صدر شي جن پنگ سان ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن ان اميد جو اظهار ڪيو هو ته هو ويزا فري رسائي سان نه رڳو سياحت کي هٿي ملندي پر ٻنهي ملڪن جي واپارين لاءِ به چين جي مارڪيٽن تائين رسائي آسان ٿي ويندي. چين طرفان اها آڇ هڪ اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي جڏهن هو پنهنجي معيشت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ سياحن کي راغب ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں