برطانيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميديا تي پابندي جو منصوبو تيار

لنڊن -16 فيبروري (اي پي پي)برطانيا جي حڪومت هلندڙ سال 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميديا جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ان حوالي سان قانونسازي جو عمل جلد شروع ڪري سگهجي ٿو ۽ پابندي گرمي جي موسم تائين ڪرڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب اها پابندي نه رڳو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پر چيٽ بوٽس تي …

لنڊن -16 فيبروري (اي پي پي)برطانيا جي حڪومت هلندڙ سال 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميديا جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ان حوالي سان قانونسازي جو عمل جلد شروع ڪري سگهجي ٿو ۽ پابندي گرمي جي موسم تائين ڪرڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب اها پابندي نه رڳو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پر چيٽ بوٽس تي به ٿيندو. حڪومت آن لائن پليٽ فارمز کي ان ڳالهه جو پابند ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ته اهي ٻارن لاءِ اهڙين ايپس تي وقت جي حد مقرر ڪري جنهن ۾  تمام گهڻي اسڪرولنگ جي سهولت موجود آهي. برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽار جاري بيان ۾ چيو آهي ته ڪابينا 16 فيبروري کان آن لائن سيفٽي بل ۾ ترميم لاءِ هنگامي قانون سازي جي شروعات ڪندي. بيان موجب حڪومت قانون ۾ ڪمزوري کي به ختم ڪندي ۽ سمورين اي آءِ چيٽ بوٽ فراهم ڪندڙن کي آن لائن سيفٽي ايڪٽ تحت غير قانوني مواد هٽائڻ جو پڻ پابند بڻايو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪيئر اسٽارمر گروڪ خلاف ڪارروائي جو حوالو ڏنو جيڪو ايڪس جو تيار ڪيل چيٽ بوٽ آهي. هن چيو ته انهن قدمن تحت واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته ڪو به پليٽ فارم قانون کان وڌيڪ ناهي.

مزید خبریں