بورڊ آف پيس جو پهريون اجلاس 19 فيبروري تي ٿيندو

واشنگٽن -13 فيبروري(اي پي پي) بورڊ آف پيس جو پهريون اجلاس 19 فيبروري تي آمريڪي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ ٿيندو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ملڪن جي وفدن جي شرڪت جو امڪان آهي. اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ غزه لاءِ فنڊنگ ۽ فوجي جٿن جي مقرري جو اعلان ڪندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪي حڪومت جي ٻن سينيئر عهديدارن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ …

واشنگٽن -13 فيبروري(اي پي پي) بورڊ آف پيس جو پهريون اجلاس 19 فيبروري تي آمريڪي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ ٿيندو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ملڪن جي وفدن جي شرڪت جو امڪان آهي. اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ غزه لاءِ فنڊنگ ۽ فوجي جٿن جي مقرري جو اعلان ڪندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪي حڪومت جي ٻن سينيئر عهديدارن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي ٿيندڙ غزه بورڊ آف پيس جي پهرين باضابطه اجلاس ۾ غزه جي نئين سر تعمير لاءِ اربين ڊالرن ۽ اسٽيبلائزيشن فورس جي حوالي سان منصوبن جو اعلان ڪندو. آمريڪي عهديدارن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته 19 فيبروري تي واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪندو. صدر ٽرمپ 23 جنوري تي سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ بورڊ آف پيس جي دستاويز تي صحيحيون ڪيون هيون جنهن جي توثيق گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد ذريعي ڪئي وئي هئي. وچ اوڀر جي ملڪن سعودي عرب، مصر، ترڪيه ۽ قطر کان علاوه انڊونيشيا به منصوبي ۾ شموليت اختيار ڪري چڪا آهن. آمريڪي اڳواڻ موجب اجلاس ۾ رڳو غزه بابت معاملن تي ڌيان ڏنو ويندو. صدر ٽرمپ غزه لاءِ اربين ڊالرن جو اعلان ڪندو ان ۾ بورڊ ۾ شامل ميمبرن پاران مالياتي عطيو به شامل آهي. غزه ۾ انٽرنيشنل اسٽيبلائزيشن فورس جي مقرري صدر ٽرمپ جي غزه پلان جي ايندڙ مرحلي ۾ شامل آهي . جنهن جو اعلان گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڪيو ويو هيو. معاهدي جي پهرين مرحلي تحت 10 آڪٽوبر تي غزه ۾ جنگ بندي شروع ٿي ۽ حماس يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو هيو جنهن جي بدلي ۾ اسرائيل گرفتار ڪيل فلسطينين کي آزاد ڪري ڇڏيو هو.

مزید خبریں