ايٽمي پروگرام جو ڪو به فوجي حل ناهي: ايران

تهران -13 فيبروري(اي پي پي)ايران چيو آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام جو ڪو به فوجي حل موجود ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي سيڪريٽري گذريل ڏينهن عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ موجوده ڳالهيون گذريل ڳالهين کان مختلف آهن. ڇو ته ملڪ 12 ڏينهن جنگ جي تجربي مان گذري چڪو آهي جنهن جي ڪري …

تهران -13 فيبروري(اي پي پي)ايران چيو آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام جو ڪو به فوجي حل موجود ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي سيڪريٽري گذريل ڏينهن عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ موجوده ڳالهيون گذريل ڳالهين کان مختلف آهن. ڇو ته ملڪ 12 ڏينهن جنگ جي تجربي مان گذري چڪو آهي جنهن جي ڪري ڳالهه ٻولهه هاڻي وڌيڪ مشڪل ٿي وئي آهي. سندس اشارو گذريل گرمين جي موسم ۾ ايران تي ٿيل اسرائيل جي جنگ طرف هيو جنهن ۾ آمريڪا به شريڪ هيو . هن چيو ته اوهان کي ان ڌر سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن جنهن اوهان تي حملو ڪيو آهي. ان ڪري ڳالهين جو نفسياتي ۽ سياسي ماحول هاڻي وڌيڪ خراب ٿي چڪو آهي ۽ آمريڪا جي حوالي سان بي اعتمادي جي سطح ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي تيار رهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گذريل ڌوڪو ٻيهر نه ورجايو وڃي.

مزید خبریں