اينٽانانيريو -13 فيبروري (اي پي پي) آفريقي ملڪ مڊغاسڪر ۾ سامونڊي طوفان گيزاني سبب فوتگين جو انگ وڌي 38 ٿي ويو جڏهن ته 2 لک 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه نيشنل آفيس فار رسڪ اينڊ ڊزاسٽر مينيجمينٽ (بي اين جي آر سي ) پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي. بي اين جي آر سي موجب 374 ماڻهو زخمي ٿيا آهن …
مڊغاسڪر ۾ سامونڊي طوفان گيزاني سبب فوتگين جو انگ وڌي 38 ٿي ويو

مزید خبریں
اينٽانانيريو -13 فيبروري (اي پي پي) آفريقي ملڪ مڊغاسڪر ۾ سامونڊي طوفان گيزاني سبب فوتگين جو انگ وڌي 38 ٿي ويو جڏهن ته 2 لک 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه نيشنل آفيس فار رسڪ اينڊ ڊزاسٽر مينيجمينٽ (بي اين جي آر سي ) پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي. بي اين جي آر سي موجب 374 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جڏهن ته 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن . طوفان سبب 37 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو ۽ 18 هزار کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. ملڪ جي پنجن علائقن جا مجموعي طور تي 22 ضلعا طوفان سبب متاٿر ٿيا جن ۾ اوڀر شهر تائو ماسيا کي شديد نقصان پهتو آهي.











