تائيوان چين جو حصو آهي، پرڏيهي طاقتن تي ڀاڙي علحدگي جي ڪوشش جي سازش ناڪام ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت

بيجنگ-12 فيبروري (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته تائيوان چين جو حصو آهي، پرڏيهي طاقتن تي ڀاڙي علحدگي جي ڪوششن واري سازش ناڪام ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيئن پريس ڪانفرنس ۾ لائي چنگ ڊي جي تازي غلط ريمارڪس جي باري ۾ چيو ته لائي چنگ ڊي جي ريمارڪس هڪ ڀيرو ٻيهر تائيوان جي علحدگي جي ضد کي بي نقاب …

بيجنگ-12 فيبروري (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته تائيوان چين جو حصو آهي، پرڏيهي طاقتن تي ڀاڙي علحدگي جي ڪوششن واري سازش ناڪام ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيئن پريس ڪانفرنس ۾ لائي چنگ ڊي جي تازي غلط ريمارڪس جي باري ۾ چيو ته لائي چنگ ڊي جي ريمارڪس هڪ ڀيرو ٻيهر تائيوان جي علحدگي جي ضد کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو امن کي تباهه ۽ بحران پيدا ڪرڻ وارو ۽ جنگ کي هوا ڏيڻ وارو شخص آهي. هن چيو ته اهو بيان ثابت ڪري ٿو ته ”تائيوان جي علحدگي“ جو ضد آبنائي تائيوان ۾ عدم استحڪام جي جڙ آهي. ترجمان چيو ته لائي چنگ ڊي ڪجهه به چوي يا ڪري هو ان تاريخي ۽ قانوني حقيقت کي تبديل نٿو ڪري سگهي ته تائيوان چين جي ڌرتي جو حصو آهي ۽ نه ئي ان عالمي اتفاق راءِ کي تبديل ڪري سگهي ٿو جيڪو چين جي اصول جي حوالي سان عالمي برادريءَ ۾ موجود آهي. ترجمان چيو ته چين جي وحدت جي تاريخي رجحان کي ڪوبه نٿو روڪي سگهي ۽ آخرڪار هي مڪمل ٿي رهندو. هن چيو ته پرڏيهي طاقتن تي ڀروسو ڪري علحدگيءَ جي ڪوششن ۽ طاقت ذريعي چين جي وحدت جي مخالفت جهڙيون ڪوششون يقينن ناڪام ٿينديون.

مزید خبریں